پٿرالي رس

پٿرالي رس: هيءَ هڪڙي قسم جي رطوبت آهي، جيڪا پٿرن تي پيدا ٿيندي آهي. اُن کي ”گورگندم“ به چوندا آهن. فارس جي قبرن مان دريافت ٿي آهي. هيءَ رس، رنگ ۾ خاڪي، هيڊي چٽ تي، ذائقي ۾ ڦڪي ٿئي ٿي. وهندڙ رت کي بند ڪري ٿي. ماکيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ گڏي اُس تي رکجي ته شراب کان وڌيڪ نشيدار ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو